سيلاب سانوڻ

سيلاب سانوڻ

سيلاب سانوڻ

سيلاب سانوڻ (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور عوامي شاعر سانوڻ فقير جي چونڊ بيتن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مرتب پير محمد عالم قريشي صديقي سجاولي آهي ۽ ان ۾ نئين سر واڌارا ۽ سڌارا گل محمد تنيي ڪيا آهن. هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڇپايو آهي.
هن ڪتاب جي ابتدا ۾ سانوڻ فقير جي حياتيءَ جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي ۽ ان کانپوءِ هيٺين عنوانن جي ترتيب سان بيت ڏنا ويا آهن: وحدت، سردار صه جن جو هرڻيءَ وارو معجزو، سر عمر مارئي، سر سسئي پنهون، سر سامونڊي، سر مومل راڻو، سر سهڻي، سر ليلا چنيسر، ليلا مجنون، سر پورب، سر کاهوڙي، سر رامڪلي، ڪلام آخر.
ڪرائون سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 36 روپيا آهي ۽ ان جي ڇپائيءَ جو سال 2009ع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو